نيب ميڊيا جي خبرن تي رد عمل ڏيڻ ڇڏي ڏئي؛ صدر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومي احتساب بيورو (نيب) اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ خبرن تي ردعمل ڏيڻ ڇڏي ڏئي. انساني بدعنواني جي عالمي ڏينهن تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي جو چوڻ هو ته احتساب طاقتور ۽ وڏي ماڻهو کان شروع ٿيڻ گهرجي ۽ پاڪستان ۾ احتساب غير سياسي بنيادن تي اڳتي وڌي رهيو آهي. صدر پاڪستان چيو ته قانون مطابق جنهن تي الزام لڳي ٿو اهو ثابت ڪري ٿو ته منهنجي دولت جائز آهي. نيب اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ خبرن تي رد عمل ڏيڻ ڇڏي ڏئي. هن چيو ته ملڪ جو هر شهري پنهنجي ووٽ جي طاقت سان سياست ۾ بدعنواني جو خاتمو ڪري سگهي ٿو ۽ انتخابي نظام ۾ بدعنواني جي مڪمل خاتمي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا. صدر عارف علوي جو چوڻ هو ته رياست مدينه هر مسلمان جو خواب آهي ليڪن بدقسمتي سان اشرافيه ۽ عام ماڻهن لاءِ الڳ الڳ قانون جو چئنلج اڄ به سامهون آهي. واضح رهي ته نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ڪرپشن جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن جي نسبت سان منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو هو ته هوائن جو رُخ بدلجي پيو چند هفتن ۾ اوهان ڏسندا ته ڇا ٿو ٿئي. اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي حڪومت ۾ هجي يا اپوزيشن ۾ اسين قانون موجب ڪم ڪري رهيا آهيون پر اهو ته فرق ڪرڻو پوندو ته هڪڙا 30 سالن کان حڪومت ۾ رهيا آهن ته ٻيا 12 تيرنهن مهينن کان آهن، مالم جبه، ۽ بي آر ٽي بابت ريفرنس تيار آهن وقت اچڻ تي داخل ڪيا ويندا. بي آر ٽي ۾ اسٽي سبب ڪارروائي نه پيا ڪريون.

پهنجو تبصرو موڪليو