نيب آفيسرفراڊي آهن، ھنن کي ادارو ھلائڻ ئي نٿو اچي،چيف جسٽس

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) نيب آفيسرز کي ادارو هلائڻ ئي نٿو اچي، نيب آفيسرز وڏا فراڊ ڪري رهيا آهن ۽ چيئرمين خاموش آهي، نيب چيئرمين سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج آهي، انڪوائري بنا ڪنهن سرڪاري ملازم کي فارغ ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران جوابدارن کان رشوت وٺڻ تي فارغ ٿيل نيب آفيسرز خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ويا، نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر عمران الحق تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته 3 سال گذرڻ باوجود نيب هن ڪيس ۾ ڪجهه نه ڪيو، ڄاڻي واڻي گهپلو هنيو ته جيئن ڪيس خراب ٿئي، نيب جو ادارو تماشو بڻائي رهيو آهي، نيب پنهنجي طرفان جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ مان ڪيس واپس وٺي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو