نيازي حڪومت عوام کي مهانگائي کان سواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، چانڊيو

نئون ڪوٽ (پيارعلي نھڙيو) عمران خان جي حڪومت عوام کي بک بد حالي مهانگائي کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي عوام کي دوکي ۾ رکي اقتدار ۾ آيل پي ٽي آءِ حڪومت اڄ تائين سنڌ ۾ هڪ منصوبو تعمير نه ڪرائي سگهي آهي 2023 تائين پ.پ.پ سنڌ مان به ختم ٿي ويندي لاڙڪاڻي جي صوبائي اسيمبلي جي پي ايس 11 واري سيٽ تي عوام پ.پ.پ خلاف ريفرينڊم ڏنو آهي. اهڙو اظهار جئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض احمد چانديو نئون ڪوٽ ڀرسان جئي سنڌ محاذ جي ڊويزنل صدر محمد سلطان احمد دل جي رهائش گاهه تي  هڪ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عمران حڪومت تبديلي جي نالي تي ملڪ ۾ سويلين مارشلا لڳائي ڇڏي آهي ميڊيا تي ڪنٽرول انساني حقن جي لتاڙ خوف حراس پکيڙي عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي سنڌ جا ماڻهو هڪ ڊگهي جدوجهد لاءِ تيار ٿين عمران سرڪار اسان جي درياءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ، پاڻي تي بجلي ٺاهڻ لاءِ چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي غير قانوني پنجاب جي قبضي ڪرڻ مستقل ڌاڙو ۽ غير قانوني  پاڻي چوري کي بحال رکڻ لا هائيڊرو پاور پروجيڪٽ منصوبو  ٺاهڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي ته جيئن سنڌ جا ماڻهو زراعت، پيئڻ جي پاڻي کان محروم رهن ان ڪري سنڌ جي ماڻهن کي پرامن جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. ٻئي طرف جئي سنڌ محاذ جي چئيرمين ڳوٺ ماڻڪ ريباري ۾ ديوالي جي حوالي سان رکيل پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي جئي سنڌ محاذ جا اڳواڻ پنهل جمالي، رياض جتوئي، سلطان دل، حنيف مرڙاڻي، ڀڳوان مهراج ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو