نوشھرو فيروز ،2 مسافر بسن ۾ ٽڪر، 8 ڄڻا فوت، 39 زخمي

نوشھرو فيروز(ن س ) دوڙ مھراڻ ھائي وي بلوچ پور جي ڀرسان ٻن ڪوچن جو آمھون سامھون ، ٽڪر ،6 ڄڻا فوت ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، نوابشاهه ويجهو ٻن مسافر بسن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 مسافر فوت ۽ 39 زخمي ٿي پيا،زخمين ۽ فوتين کي دوڙ ، ٻانڌي ۽ نواب شاھ جي اسپتالن ۾ آندو ويو آھي پوليس جو چوڻ آھي ته ھڪ ڪوچ پشاور کان ڪراچي وڃين رھي ھئي ، ، ٻئي ڪوچ ڪراچي کان گھوٽڪي وڃين رھي ھئي ، ٻنھي ڪوچن جو آمھون سامھون خوف ناڪ ٽڪر ٿي پيو جنھن ڪري ڪافي زخمي ٿي پيا زخمين ۾ رياض احمد ، پٽ وزير احمد ، ساجن پٽ وزير احمد سولنگي ، محب علي پٽ الله وڌايو، محمد شھباز پٽ رفاقت علي سولنگي ، قدير پٽ دين محمد سولنگي ،الله ورھايو پليو، فاطمه زال سعيد احمد ، محمد سائم ، قربان علي ولد شير فوت ٿي چڪو آهي، جن جو تعلق گھوٽڪي سان ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته ڊيوٽي ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته علي شير جيڪو فوت ٿي ويو آھي ، ھن مھل تائين 8 جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آھن

پهنجو تبصرو موڪليو