نوشهروفيروز اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ دوائون اڻلڀ، شهرين جو احتجاج

نوشهروفيروز(ن س) سول اسپتال نوشهروفيروز کي سهولتون ۽ ضلعي اسپتال جو درجو ڏيڻ لاءِ نوشهروفيروز ۾ هلندڙ احتجاج کی 220 ڏینھن پورا ٿي ويا، وڏي وزير جي حڪمن تي عمل نه ٿيو، ڊاڪٽرن جي بدلين جو سلسلو بدستور جاري، اسپتال ۾ ارٿو، آپريشن جو سرجن ڊاڪٽر، دماغ، ڪن، نڪ، گلي، الٽراسائونڊ ۽ ايڪسري، پيٿالاجسٽ، نيفرولاجسٽ سميت ڪو به ماهر ڊاڪٽر موجود نه هجڻ باوجود 5 ڪروڙ رپين جون دوائون ۽ ڪروڙين رپيا ملازمن جون پگهارون هضم، 16 لک ماڻهن کي صحت جون بنيادي سهولتون نه ملي سگهيون، شهرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو، مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ محمد يونس راڄپر، خادم سيال، زاھد راجپر خالد چانڈیو حق نواز بھٹ حسيني آصف، ديدار مري ۽ ٻين ٻڌايو ته هلندڙ  احتجاج کي ست مهينا مڪمل ٿيڻ وارا آهن پر اسپتال کي سڌارڻ بجاءِ تباهي جي ڪناري تي پهچايو ويو آهي اسپتال جو آپريشن ٿيٽر مڪمل طور تي ستن سالن کان بند آهي. ليبارٽري، الٽراسائونڊ ۽ ايڪسري نه ٿيڻ ڪري اسپتال ضلعي جي 16 لک آبادي لاءِ بي لاڀ ۽ هيلٿ کاتي جي آفيسرن لاءِ ڪمائي جو ذريعو بڻيل آهي.هنن چيو ته ايم پي اي ممتاز چانڊيو، نسيم راڄپر پاران سنڌ اسيمبلي آواز اٿاريو ويو جنهن کان پوءِ وڏي وزير ايم پي اي شهناز انصاري جي درخواست تي سول اسپتال کي ضلعي اسپتال جو درجو ڏيارڻ جو حڪم نامون جاري ڪيو ويو ۽ هيلٿ کاتي کي حڪم ڪيو ويو ته ضلعي جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ان ليٽر تي عمل ته نه ٿيو پر اسپتال مان 60 ڊاڪٽر بدلي ڪرائي ويا ۽ ڪجهه ڊاڪٽر ريٽائرڊ ٿي ويا. ضلعي جي اسپتال ۾ هن وقت هڏن، دماغ، نڪ ڪن گلي سميت مختلف شعبن جا اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ناهن ۽ ڪنهن ايمرجنسي جي صورت ۾ اسپتال کي ريفر سينٽر بڻايو ويو آهي معمولي زخمي به نوابشاهه يا پرائيويٽ ڊاڪٽرن جي سينٽرن ڏانهن موڪليا وڃن ٿا. هنن مطالبو ڪيو اسپتال کي ضلعي اسپتال جو درجو ڏئي صحت جون بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو