نوري آباد وٽ روڊ حادثو هڪ ئي خاندان جا 4 ڀاتي فوت

ڄامشورو (ستار جهتيال) نوري آباد ويجهو ايم نائن تي روڊ حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪراچي کان قمبر ويندڙ ڪار تيز رفتاري سبب ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. جنهن ۾ مقبول گوپانگ جي گهرواري ۽ ٻارن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. مقبول سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملازم آهي ۽ پنهنجي خاندان سان گڏ اباڻي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو