نوجوان پسٽل جا فائر ڪري زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيو

ڳڙھي ياسين (شفيق مهر) ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ آندل خان مارفاڻي ۾ 17 ورھين جي نوجوان رحمت الله مارفاڻي پنهنجي زندگي مان بيزار ٿي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. نوجوان جي والد محمد رمضان مارفاڻي ٻڌايو تـ منهنجي پٽ بلاجواز خودڪشي ڪئي آهي ڪو به گھر ۾ يا ٻيو ڪو اھڙو مسئلو ئي نـ ھو جو ايڏو وڏو قدم کڻي پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيو آهي. هوڏانهن بڊو پوليس نوجوان جو لاش ڳڙهي ياسين اسپتال آندو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو