نوان ٽيڪس نه هڻبا، مهانگائي وڌندي، شوڪت ترين

اسلام اباد (بيورو رپورٽ) ناڻي بابت وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته نوان ٽيڪس نه هڻنداسين ان سان مهانگائي وڌندي، موجوده آءِ ايم ايف پروگرام تمام مشڪل هو، جنهن ۾ سخت شرط رکيا ويا، جن جي سياسي قيمت به آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته هن وقت معيشت کي ڪورونا کان خطرو آهي نه ته اسان جي معيشت جي بحالي شروع ٿي چڪي آهي. روينيو ۽ پاور سيڪٽر اسان لاءِ اهم چيلينجز آهن جڏهن ته ڪامياب نوجوان پروگرام سان گڏ ڪامياب ڪسان پروگرام به شروع ڪنداسين. شوڪت ترين چيو ته موجوده آءِ ايم ايف پروگرام تمام مشڪل هو، جنهن ۾ سخت شرط رکيا ويا، جن جي سياسي قيمت به آهي، آءِ ايم ايف پروگرام مان نه نڪرنداسين، پروگرام هلي رهيو آهي پر آءِ ايم ايف کي چيو آهي ته ڪورونا جي ٽئين لهر سبب اسان کي سهولت ڏيڻي پوندي.آءِ ايم کي ٻڌايو آهي ته 92 سيڪڙو روينيو گڏ ڪري رهيا هئاسين پر هاڻ ڪورونا سبب 62 سيڪڙو تي پهتا آهيون، اسان ٽيڪس جو دائرو وڌائينداسين، اسان کي ٽارگيٽ نه ڏيو جيئن چيو ويو ته 3 هزار کان ٽارگيٽ 5500 تائين کڻي وڃو، روينيو اسان کي وڌائڻو آهي ۽ اهو وڌي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو