نوان رانديگر نروس سبب سٺي ڪارڪردگي نه ڏئي سگهيا: ڪپتان

شارجه (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاداب خان اعتراف ڪيو آهي ته افغانستان خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ ٽيم سٺي راند نه ڏيکاري هئي.شارجه ۾ ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي ڪپتان جو چوڻ هو ته اسان نون رانديگرن سان ميدان ۾ پهتاسين، نوان رانديگر نروس سبب سٺي پرفارم نه ڪري سگهيا.شاداب خان چيو ته رانديگرن ۾ ٽيلنٽ آهي.ٻئي طرف افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان راشد خان چيو آهي ته جيڪڏهن 120 رنسون هجن ها ته فتح مشڪل هجي ها.راشد خان به ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کٽڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو