نواز شريف گرين سگنل ڏئي ڇڏيو، ڪنهن به وقت پاڪستان اچڻ جو امڪان

نواز شريف گرين سگنل ڏئي ڇڏيو، ڪنهن به وقت پاڪستان اچڻ جو امڪان

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف وطن واپسي جو اشارو ڏئي ڇڏيو.پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي معتبر ذريعن ٻڌايو آهي ته پارٽي قائد ميان نواز شريف جي ايندڙ چونڊن کان اڳ وطن واپسي جو پروگرام طئي ٿي چڪو آهي.نواز شريف پارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون ٽوڙي ٿو ته اتي آئين موجب 90 ڏينهن اندر نيون چونڊون ڪرايون وڃن ۽ اهي صوبائي چونڊون به هو پاڻ ئي پاڻ اليڪشن مهم هلائيندا..ذريعن موجب نواز شريف اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به وقت وطن واپس اچي سگهي ٿو، ان حوالي سان نواز شريف پنهنجي وڪيلن سان مشاورت به مڪمل ڪري ورتي آهي.سندن سزائن تي نظرثاني جون اپيلون سندن اچڻ کان فوري پوءِ عدالتن ۾ شروع ٿينديون.شريف خاندان جي ويجهن ذريعن موجب اعليٰ سطح تي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته نواز شريف هاڻي پاڻ کي ملڪي سياست کان پري نه رکندو ۽ ايندڙ چونڊن ۾ سڌي ريت پنهنجي پارٽي ۽ حمايتين جي اڳواڻي ڪندو.انهن ذريعن موجب ميان نواز شريف جي تاحيات نااهلي جو ڪيس هاڻي ڪمزور ٿي چڪو آهي ۽ سپريم ڪورٽ طرفان فيصل واوڊا جي تاحيات نااهلي ختم ڪرڻ واري فيصلي مسلم ليگي اڳواڻ جي قومي سياست ۾ واپسي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.اهي به اطلاع آهن ته ميان نواز شريف جي وطن واپسي جي صورت ۾ مريم نواز عارضي طور لنڊن ۾ رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو