اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان به نواز جي اڱاري تائين عبوري ضمانت منظور

اسلام آباد (اياز مهر) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ڪيس ۾ نواز شريف جي 20 20 لکن جي ٻن مچلڪن عيوض اڱاري تائين انساني بنيادن تي عبوري ضمانت منظور ڪري ڇڏي. چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي مشتمل بينچ اهڙو فيصلو ٻڌايو، عدالت ٽي ڀيرا سماعت ۾ وقفو ڪيو ۽ عدالتي وقت ختم ٿيڻ بعد فيصلو ٻڌايو. ان کان اڳ سماعت دوران چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن حڪومت ضمانت جي مخالفت ڪئي ته عدالت نواز شريف جي سزا معطلي ۽ طبي بنياد تي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏيندي. هن چيو ته سزا يافته قيدي جي سزا معطل ڪرڻ جو اختيار قانون موجب صوبائي حڪومت کي آهي ۽ اهڙا معاملا عدالتن ۾ اچڻ ئي نه گهرجن. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته اڄ ئي سماعت ڪرڻ جي درخواست ڇو آئي جڏهن ته هي ڪيس اڱاري تي رکيل هو. شهباز جي وڪيل چيو ته اڄ نواز شريدف کي هلڪو دل جو دورو پيو جنهن کي انجائنا چئبو آحي، جيڪو خطرناڪ ته نه هو پر هن جي طبيعت انتهائي خراب آهي ان ڪري درخواست ڏني. عدالت منجهند ڌاري سماعت دوران وفاقي ۽ پنجاب حڪومتن ءٌ نيب کان جواب طلب ڪندي 4 وڳي تائين سماعت ملتوي ڪئي. عدالت کي رجسٽرار ٻڌايو ته ٽي وي چينلز تي ڊيل جون خبرون هلن ٿيون جنهن تي عدالت بريڪنگ نيوز ود مالڪ هم نيوز ۽ سميع ابراهيم کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ۽ انهن پروگرامن ۾ شريڪ حامد مير، ڪاشف عباسي ۽ عامر متين کي به نوٽيس جاري ڪيا. ان دوران اينڪر پرسنز عدالت پهچي ويا، شام جو ٻيهر عدالتي ڪاروائي شروع ٿي ته چيف جسٽس اينڪر پرسنز کي چيو ته معذرت سان اوهان کي گهرايو آهي ته معاملو اڃا عدالت تائين پهچي ئي نٿو ته اوهان ڊيل جا تبصرا ٿا ڪريو يعني ميڊيا ٽرائل اڳ ۾ ٿئي ٿو ۽ عدالت ۾ ٽرائل بعد ۾ ٿئي ٿو. چيف جسٽس اينڪر پرنسز کي چيو ته اوهان پنهنجو جواب داخل ڪرايو. ان دوران نوٽيس تي پيمرا جي چيئرمين جو نمائندو آيو ته عدالت کائنس پڇيو ته اوهان ٽي وي پروگرام ڏسندا هوندا ته ڪيئن عدليه تي ڪيچڙ اڇليو پيووڃي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ٽي وي تي ريڙهي واري زبان استعمال ڪئي پئي وڃي، عدالت هن کان پڇيو ته اوهان قرآن پڙهيو آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته ٻڌل ڳالهه بنا تصديق جي اڳتي نه وڌايو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان عدليه سان گڏ عسڪري ادارن ۽ وزيراعظم کي به بدنام ٿيڻ ڏيو ٿا، جنهن تي صحافي محمد مالڪ چيو ته هن ملڪ کي ميڊيا تباهه ناهي ڪيو، جنهن تي جسٽس ڪياني چيو ته هتي ذڪر پيمرا جو پيو هلي، چيف جسٽس چيو ته هن ملڪ کي تباهه ڪرڻ ۾ سڀني جو ڪردار آهي، ڇا پيمرا پنهنجو ڪردار ادا ڪري پئي؟ حامد مير چيو ته مونکي نامعلوم نمبر تان ڪال آئي ته اوهان کي به گهرايو ويو آهي پر مون ته پروگرام ۾ ڊيل جو ذڪر ئي نه ڪيو هو، جنهن تي چيف جسٽس چيس اسين اوهان کي سڃاڻون ٿا وڪيلن جي تحريڪ ۾ اوهان اهم ڪردار ادا ڪيو هو. عامر متين چيو ته ميڊيا جي خرابي جي ڳالهه ڪرڻ بدران اهو طئي ڪريو ته ڪنهن ڪهڙي غلطي ڪئي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته عدالت سياسي معاملن ۾ پوڻ نٿي گهري سياستدانن جا ڪيس قانون موجب طئي ٿيندا. ان دوران سيڪريٽري داخلا ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل روسٽرم تي آيا ته عدالت کانئن پڇيو ته اوهان کي به روز طبي رپورٽس ملنديون هونديون ۽ اوهان جيل مينوئي به پڙهيو هوندو ان موجب ته هي درخواست عدالت ۾ اچڻ ئي نه گهرجي ها اهو ته حڪومت جو اختيار آهي. عدالت نيب جي نمائندي کان پڇو ته اوهان چيئرمين نيب کان پڇي اڌ ڪلاڪ ۾ ٻڌايو ته هو ضمانت جي درخواست جي مخالفت ڪري ٿو يا بيان حلفي داخل ڪندو. عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي چيو ته ها يا نه ۾ جواب ڏيو، هن چيو ته هن معاملي سان وفاقي حڪومت جو واسطو ناهي، عدالت چيس ته جذباتي نه ٿيو جواب ڏيو ته ضمانت جي مخالفت ڪريو ٿا ۽ ذميواري کڻو ٿا يا نه. عدالت سيڪريٽري داخلا کان پڇيو ته اوهان مخالفت ڪريو ٿا ضمانت جي جنهن تي هن چيو ته هن موقعي تي هو ڪجهه نٿو چئي سگهي، عدالت چيو ته سڄو بار عدالت تي نه وجهو موقف چٽو بيان ڪيو اوهان چئو ته اڱاري تائين نواز شريف کي ڪجهه نه ٿيندو ته ڳالهه ختم. هن چيو ته هو ڪا به ذميواري نه کڻندو ۽ عدالت ميرٽ تي جيڪو مناسب سمجهي فيصلو ڪري، جسٽس ڪياني چيو ته سڀني شهرين جي ذميوري رياست ۽ حڪومت تي آهي ڇا ٻئي ناڪام ٿي ويا آهن؟ جڏهن ڪو جواب نه آيو ته جسٽس ڪياني چيو ته نيب جي سزا ته 14 سال آهي موت جي سزا جي معاملي ۾ به انساني بنياد تي ضمانت ڏئي سگهجي ٿي. چيف جسٽس چيو ته اوهان ٽئي وفاق، پنجاب ۽ نيب بيان حلفي ڏيڻ نٿا چاهيو. پنجاب جي قاسم ڇوهاڻ چيو ته اسين مي بي واري زون ۾ آهيون. جنهن بعد عدالت اـاري تائين انساني بنيادن تي ضمانت منظور ڪندي 20 20 لکن جا ٻه مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. ان کان اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به ميان نواز شريف جي طبي بنيادن تي ضمانت جي درخواست جي ايمرجنسي ۾ ٻڌڻي ڪري پئي. ڇنڇر تي ميان نواز شريف جي العزيزيه اسٽيل ملز ڪيس ۾ مليل سزا معطل ڪرڻ ۽ طبي بنياد تي ضمانت واري درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿي، جنهن ۾ اڄ ئي سماعت لاءِ چيو ويو ۽ عدالت اها منظور ڪري ورتي. شهباز  شريف درخواست داخل ڪئي ته ميان نواز شريف جي طبيعت انتهائي خراب آهي ۽ انساني جان کان وڌيڪ ڪا شيءِ اهم ناهي. هن ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ جي ڪاپي به جمع ڪرائي. جسٽس عامر فاروق موڪل تي هئڻ سبب چف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني ٻڌڻي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو