نواز  سان ايراني سفير جي ملاقات، لاڳاپن ۽ واپار تي ڳالهيون

نواز سان ايراني سفير جي ملاقات، لاڳاپن ۽ واپار تي ڳالهيون

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر محمد نوازشريف ۽ وزيراعليٰ مريم نوازشريف سان اسلاميه جمهوري ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم جي ملاقات ٿي جنهن دوران ٻطرفن لاڳاپن، واپار، توانائي ۽ علاقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.وزيراعليٰ مريم نوازشريف ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم جي آجيان ڪئي. ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم شاندار استقبال تي ٿورو ادا ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.وزيراعليٰ مريم نوازشريف ايراني سرمائيڪاري کي زراعت، انفارميشن، ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي شعبن ۾ سرمائيڪاري جي دعوت ڏني جڏهن ته وزيراعليٰ اقتصادي ۽ سماجي لاڳاپن کي وڌائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم ساٿ ڏيڻ تي وزيراعظم پاڪستان محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جو ٿورو ادا ڪيو.محمد نوازشريف چيو ته ڳالهين جو دروازو فراخدلي سان کليل رکڻ سان ڳالهين ذريعي وڏا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. ايران جوان مردي سان حالتن جو مقابلو ڪيو. هن چيو ته ايران جي لاءِ تمام گهڻيون دعائون ۽ نيڪ خواهشون آهن. ايراني عوام هميشه دعائن جو حصو رهي آهي.ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم چيو ته پاڪستان ۽ ايران ٻه جسم هڪ روح جيان آهي. محمد نوازشريف جهڙو عظيم اڳواڻ عالم اسلام لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي. عالم اسلام جي سربراهي ۽ پاڪ ايران لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ محمد نوازشريف جهڙو اڳواڻ تمام گهڻو ضروري آهي.هن چيو ته ايراني قوم محمد نوازشريف جي صحت، حفاظت جي لاءِ هميشه دعاگو رهندي آهي. محمد نوازشريف خطي جي صورتحال کان مڪمل آگاهه آهن، پاڪستان کي وڏو سمجهندي گڏجي ڳالهيون ڪرڻ ۾ دلي سڪون محسوس ڪريون ٿا.ڊاڪٽر رضا اميري مقدم چيو ته پاڪستان جو وڏو هجڻ جي ناتي ايراني عوام ۽ حڪومت طرفان معاملا محمد نوازشريف جي علم ۾ آڻڻ ضروري سمجهان ٿو. نوازشريف کي پاڪستان جي حفاظت ڪندڙ اهم اڳواڻ سمجهون ٿا.ايراني سفير چيو ته پاڪستان ۽ ايران هڪ خطي ۽ هڪ برادري ۽ هڪ قوم آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ گهرائي آهي. فارسي زبان ۽ شاگردن جا معاملا حل ڪرڻ تي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جا دل جي گهرائين سان ٿورائتا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو