نواز جي گهر جو کاڌو بند، مريم پاران بک هڙتال جي ڌمڪي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مريم نواز چيو آهي ته حڪومت ميان نواز شريف جي گهر جو کاڌو بند ڪري جيل جي ماني کائڻ لاءِ چيو آهي. اسان کي خدشو آهي ته حڪومت ڪجهه به ان ۾ ملائي سگهي ٿي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ميان صاحب کي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار وزيراعظم هوندو. اهڙو اظهار هن ٽوئٽ ۾ ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته گهران موڪليل کاڌو کيس نه ڏنو ويو ملازم 5 ڪلاڪ انتظار ڪندا رهيا. هن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن ۾ مسئلو حل نه ٿيو ته هوءَ عدالت ويندي ۽ عدالت مان به جيڪڏهن رليف نه مليو ته هو ءَ ڪوٽ لکپت جيل ٻاهران بک هڙتال ڪندي. هن اڳ ۾ به نواز شريف جو کاڌو بند ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر پنجاب حڪومت جي ترجمان ان جي ترديد ڪئي هئي. ترجمان 2 جولاءِ تي چيو هو ته جيل انتظاميا کين چيو هو ڊائيٽ پلان ٺاهيو ڊاڪٽرن جي صلاح سان ۽ ان مطابق کيس کاڌو ڏنو وڃي. حڪومت ته کيس ذاتي بورچي رکڻ لاءِ به چيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو