نواز جي طبيعت خراب، مريم کي ملڻ نه ڏنو ويو،بلاول جي مذمت

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نوازشريف زنگي جي پهرين عيد ڪوٽ لکپت جيل ۾ گذاري. جتي فجر مهل ئي سندس طبيعت خراب ٿي ويئي جنهن بعد سندس ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان چيڪ اپ ڪيو ۽ ٻڌايو ته کيس ساهه جي تڪليف هئي.هن جا ڪجهه ٽيسٽ به ڪيا ويا. مريم نواز والد سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي پر پنجاب حڪومت کيس اجازت نه ڏني. جڏهن ته مسلم ليگي ڪارڪنن ساڻس اظهار يڪجهتي طور ڪوٽ لکپت جيل جي ٻاهران عيد نماز پڙهي.

مريم نواز چيو ته سندس والد جي طبيعت خراب آهي ۽ عيد تي به کيس والد سان ملڻ نٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪرڻي جي ڀرڻي آهي، جيڪو ڪجهه اڄ اسان سان ٿئي پيو اهو سڀاڻي اوهان سان به ٿي سگهي ٿو. هوڏانهن بلاول ڀٽو حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته مريم کي جيل ۾ قيد والد سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته انسانيت تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. هوڏانهن پنجاب حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته سندس جيلر سان ڳالهه ٿي آهي ميان صاحب جي طبيعت هاڻي صحيح آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو