نواز جي ضمانت منظور،عدالتي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا، عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ  ڪورٽ ميان نواز شريف جي طبي بنيادن تي چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس سردار احمد نعيم تي مشتمل بينچ اهڙو فيصلو ٻڌايو. نيب جي وڪيل چيو ته نواز شريف رمانڊ تي آهي ۽ رمانڊ واري ملزم جي ضمانت نٿي تٿي سگهي. عدالت هڪ هڪ ڪروڙ جا ٻه مچلڪا داخل ڪرئڻ جي هدايت ڪندي طبي بنياد تي ضمانت منظور ڪري ڇڏي. ايڊوڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته والد سان اسپتال ۾ رهڻ لاءِ مريم نواز ڪا به درخواست ناهي ڏني. هن چيو ته ميان نواز شريف ۽ مريم نواز جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل آهن. منجهن کانپوءِ ٿينل سماعت دوران شهباز شريف ۽ خواجا آصف به ٻڌڻي وقت موجوجد هئا. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ميان نواز شريف جي صحت کي نظر ۾ رکندي عدالتن جيڪو به فيصلو ڪيو ان تي عمل ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن پنجاب جي صحت جي وزير ياسمين راشد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ميڊيا کي ٻڌايو ته وزيراعظم ليس هدايت ڪئي آهي ته عوام کي ٻڌايو ته حڪومت سندس علاج بابت عدالتي فيصل جو احترام ڪندي عمل ڪندي. اسين سندس صحت بابت ڪو سمجهوتو نه ڪنداسين هن کي بهترين علاج معالجي جي سهولت مهيا ڪئي آهي. ياد رهي ته ميان نواز شريف کي العزيزيه ڪيس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت 7 سال سز ڏني هئي جنهن بعد چوڌري سگھر ملز ڪيس ۾ نيب کيس گرفتار ڪيو هو. ميان شهباز شريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سزا جي معطلي ۽ طبي بنياد تي ضمانت منظور ڪرڻ لاءِ ۽ چپڌري شگر ملز ڪيس ۾ ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪيون آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جمعه تي ٻڌڻي ڪئي ۽ وڌيڪ ڪاروائي 29 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي. جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي وڪيل اشتر اوصاف جا دليل ٻڌڻ ۽ نواز شريف جو علاج ڪندڙ داڪٽرن جي ٽيم جي سربراهه محمود اياز جو بيان رڪارڊ ڪرڻ ۽ طبي ٽيسٽن جو رڪارڊ ڏسڻ بعد پنجاب جي ايڊوڪيٽ جنرل کي دليل ڏيڻ جو چيو هو. 3 وڳي ٻيهر سماعت شروع ٿي ته عدالت ضمانت منظور ڪري ڇڏي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هو آزاد نه ٿيندو ڇو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 29 تائين ڪيس ملتوي ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو