شهباز يا بلاول مان هڪ وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو

ڪراچي: (آچر: 11 فيبروري 2024ع) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته نوازشريف يا مريم نواز جي وزيراعظم بنجڻ جو ڪوبه امڪان نه آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو ته وفاق ۾ ڪوبه اڪيلي سر حڪومت نٿو ٺاهي سگهي. اتحادي حڪومت ئي بڻجندي. جڏهن ته پنجاب ۽ بلوچستان ۾ به اتحادي حڪومت بڻجندي.هن چيو ته پ پ سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي رهي آهي جڏهن ته بلوچستان ۾ به مضبوط پ پ جي پوزيشن مضبوط آهي. وفاق ۾ پ پ، آزاد اميدوارن يا(ن) ليگ سان ملي حڪومت بنائي سگهجي ٿي.پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته نوازشريف يا مريم جي وزيراعظم بنجڻ جو امڪان نه آهي. شهباز يا بلاول ڀٽو وزيراعظم بڻجي سگهن ٿا. هيٺ مٿانهين جي نتيجي ۾ آزاد اميدوار به وزيراعظم جو عهدو حاصل ڪري سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس(جي ڊي اي) ختم ٿي چڪي آهي. مستقبل ۾ جي ڊي اي پيپلز پارٽي ۾ ضم ٿي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو