اسلام آباد: (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نوازشريف يا ان جي ڪنهن نمائندي سان نه ته ڪو پرپٺ رابطو يا ملاقات ٿي آهي نه ئي ان جي ڪا ضرورت آهي.پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته نوازشريف يا ان جي ڪنهن نمائندگي سان نه ته پرپٺ ڪو رابطو يا ملاقات ٿي آهي نه ئي وري ان جي ضرورت آهي. اهڙيون سموريون خبرون افواهون آهن ان جو حقيقت سان ڪوبه تعلق نه آهي.فواد چوڌري چيو ته پرپٺ ڳالهيون اتي ٿينديون آهن جتي معاملا عوام جي بجاءِ اشرافيه کي طئي ڪرڻا هوندا آهن پر هاڻ پاڪستان ۾ ڪنهن جي به هٿ ۾ ڪجهه به ناهي. فيصلا عوام پنهنجي هٿ ۾ ڪري ورتا آهن.تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته حڪومت سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون پر اهي ڳالهيون ڳجهيون نه هونديون. ان ڳالهين لاءِ صرف هڪ شرط آهي ته چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته چونڊن جي تاريخ جو باضابطه اعلان کان سواءِ ڪنهن به ڳجهين ڳالهين واري عمل جو حصو نه بڻجنداسين. سنجيدگي سان چونڊن جي تاريخ تي غور ڪيو وڃي ۽ ان جو اعلان ڪيو وڃي.










