نوازشريف، مريم، عليم خان ۽ عطا جا چونڊ نتيجا عدالت ۾ چيلينج

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف، مريم نواز، استحڪام پاڪستان پارٽي جي عليم خان ۽ ليگي اڳواڻ عطا تارڙ جي چونڊ نتيجن کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي.قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 13 تان آزاد اميدوار ايڊووڪيٽ اشتياق چوڌري اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن جي اڳواڻ ميان نوازشريف جي ڪاميابي کي چيلينج ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ ريٽرننگ آفيسر، اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نوازشريف فارم 45 موجب شڪست کائي چڪو آهي. هن مبينه طور ملي ڀڳت سان فارم 47 ۾ پاڻ کي فاتح قرار ڏنو. فارم 45 جا نتيجا اسان وٽ موجود آهن. عدالت فارم 45 موجب نتيجا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي. عدالت اليڪشن ڪميشن کي حتمي نتيجا جاري ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم به ڏئي ۽ عدالت ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏيندي فارم 47 جو نتيجو ڪالعدم قرار ڏئي. ٻئي طرف لاهور جي تڪ اين اي 119 تان مريم نواز جي ڪاميابي کي چيلينج ڪيو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار شهزاد فاروق پنهنجي موقف ۾ چيو ته پرزائيڊنگ آفيسر فارم 45 نه ڏنو. ريٽرننگ آفيسر به نوٽيس نه ورتو. ريٽرننگ آفيسر غير موجودگي ۾ نتيجا جوڙي جاري ڪيا. مريم نواز کان کٽي چڪو هئس. پر ڌانڌلي ڪري هارايو ويو. عدالت ريٽرننگ آفيسر جو فارم 47 ٻيهر جوڙڻ جو حڪم ڏئي ۽ مريم نواز جي ڪاميابي جو نتيجو ڪالعدم قرار ڏئي.هوڏانهن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 117 تان عليم خان جي ڪاميابي کي چيلينج ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ريٽرننگ آفيسر، اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته عليم خان فارم 45 موجب شڪست کائي چڪو آهي. هن مبينه ملي ڀڳت سان فارم 47 ۾ پاڻ کي فاتح قرار ڏنو. نتيجن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 127 تان عطا تارڙ جي ڪاميابي کي به چيلينج ڪيو ويو آهي. درخواستگذار ظهير عباس کوکر طرفان ريٽرننگ آفيسر، اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عطا تارڙ فارم 45 موجب شڪست کائي چڪو آهي. هن فارم 47 ۾ پاڻ کي فاتح قرار ڏنو. نتيجن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 118 تان ليگي اڳواڻ ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جي ڪاميابي کي به چيلينج ڪيو ويو آهي.. درخواستگذار عاليه حمزه جي مڙس درخواست ۾ ريٽرننگ آفيسر، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻئي کي ڌر بنائيندي چيو آهي ته حمزه شهباز فارم 45 موجب شڪست کائي چڪو آهي. هن مبينه ملي ڀڳت سان فارم 47 ۾ پاڻ کي فاتح قرار ڏنو. ريٽرننگ آفيسر اسان کي آفيس ۾ داخل ٿيڻ ئي نه ڏنو.قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 126 تان سيف الملوڪ کوکر جي ڪاميابي کي به لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو. ملڪ توقير کوکر طرفان داخل درخواست ۾ ريٽرننگ آفيسر، اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو