نوابشاهه ۾ ٻن سئوٽن ۾ جهيڙو، نوجوان مارجي ويو

نوابشاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) نوابشاهه ۾ بالو جا قبا ٿاڻي جي حد ۾ ٻن سئوٽن جي وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ نوجوان محمد عثمان بروهي پٽ حاجي اسماعيل بروهي مارجي ويو بالو جا قبا ٿاڻي جي حد ۾ تاج ڪالونيءَ جي ريلوي ڦاٽڪ جنيد ڪالونيءَ ۾ ٻن سئوٽن محمد عثمان بروهي محمد قاسم بروهي ۾ جھيڙو ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ محمد قاسم بروهي، محمد عثمان بروهي کي نلڪي جي لوهي ڪِلي هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنھن کي وارثن نواب شاهه اسپتال آندو جتي زخمن جا سور نه سهندي هو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، جڏهن ته اھڙي واقعي جي حوالي سان بالو جا قبا ٿاڻي جي پوليس کان موقف پڇيو ويو ته پوليس چيو ته اسان کي في الحال ڪا به خبر ناهي، معاملي جي جاچ ڪيون پيا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو