قاضي احمد ۾ زمين جي مالڪيءَ تان جهيڙو ، 7 ڄڻا مارجي ويا، 7 زخمي

قاضي احمد (ن س) افسوس ناڪ واقعو قاضي احمد لڳ پٻجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش ڏاهري ۾ زميني معاملي تان ڏاهري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ، گوليون لڳڻ سبب 7 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 8 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، مارجي ويلن ۾ سڃاڻپ ستن ڄڻن عبدالغني ولد حاجي جمعون ڏاھري مبين ولد الھ ڏنو ڏاھري روشن ولد حاجي ڏاھري محتيار پٽ حضور بخش ڏاھري علي مراد ولد مير محمد ڏاھري محمد ابراھيم ولد فيض محمد ڏاھري بشير ولد جان محمد ملاح طور سڃاڻپ ٿي آهي هڪ فوتي عبدالغني پٽ حاجي جمعون ڏاھري جنهن جو لاش نوابشاھ اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاء نيو ويو ، جڏهن تہ ٻين ڇهن جي لاشن جن کي شاهپورجهانيان رورل سينٽر تي پٻجو پوليس لاشن کي کڻي پهتي جڏهن ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد تنوير حسين تنيو پوليس اٽالن سان شاهپورجهانيان اسپتال پهتو جڏهن تہ زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن تہ گوليون لڳل زخمين ۾ غلام رسول ڏاهري ، غلام حيدر ڏاهري ، سعيد خان ڏاهري ، غلام قادر ڏاهري ، نبي بخش ڏاهري ، غلام شبير ڏاهري، دلشير ڏاهري ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته صبح سحري مهل جهيڙو ٿيو هو ۽ 6 لاش ڳوٺ واحد بخش ڏاهري ۾ کڏن ۾ پيل هئا جن کي پٻجو پوليس شاهپورجهانيان رورل سينٽر تي منتقل ڪيو آهي ، جڏهن تہ جهيڙي ۽ خونريزي کي ٽارڻ لاء ضلعي شهيد بينظيرآباد جي مختلف ٿاڻن دولتپورصفن ، جمال شاھ ، قاضي احمد ۽ پٻجو پوليس سر زمين تي پهچي وئي هئي ۽ ڏاهري برادري جون ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويا آهن . ان سلسلي ۾ پٻجو پوليس سان رابطو ڪرڻ تي هنن ٻڌايو تہ ڏاهري برادري جي ماڻهن جو زمين جي معاملي تان جهيڙو هلندڙ هيو ۽ تازو اڄ ڪڻڪ جي تريشر وهائڻ تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ 7 انساني جانيون ضايع ٿي ويون ، جڏهن ته ڏاهري برادري جي ماڻهن جا ڪڻڪ جي زمين تي لاش کڏن ۾ پيل هئا ۽ سندن هٿيار به رکيا هئا ، هوڏانهن زخمين کي نوابشاھ اسپتال ايمرجنسي حالت ۾ موڪليو ويو ، جڏهن تہ معلوم ٿيو آهي تہ ڏاهري برادري جي هڪ ڌر حاجي عبدالڪريم ڏاهري ، حاجي قادر بخش ڏاهري ، غلام حسين ڏاهري جيڪي ويٺل آهن ڳوٺ واحد بخش ڏاهري ۾ ۽ ٻي ڌر ڳوٺ جاڙي جي ڏاهري برادري جا ماڻهو غلام رسول ڏاهري ، محمد مصطفىٰ ڏاهري جو زميني معاملو ٻن سالن کان هلندڙ هيو ۽ غلام رسول ڏاهري وارن ڪجھ مهينا اڳ ۾ بہ دولتپورصفن پريس ڪلب اڳيان احتجاج بہ پڻ ڪيو هو ۽ هنن احتجاج ۾ ڄاڻايو هو تہ غلام رسول ۽ احمد مصطفىٰ ڏاهري وارن اسان جي 29 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا جڏهن تہ حاجي قادر بخش ڏاهري زمين ٽن سالن لاء مقاعدي تي غلام رسول ڏاهري کان ورتي هئي ۽ پئسا 15 لک رپيا نقد هنن کي ڏئي ڇڏيا هئا ۽ معاملو سندن هلندڙ هيو ۽ اڄ ٻنهن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو جنهن ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا ، هوڏانهن جهيڙي ۾ مارجي ويلن جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آهي ، جڏنهن تہ هن مهل تائين نہ گرفتاري عمل ۾ آئي آهي ۽ نہ ئي ڪيس داخل ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو