ننهن ۽ منهنجي خلاف گندا لفظ نه ڳالهايا وڃن:صبا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستاني اداڪارا صبا فيصل پنهنجي ڌيءَ نيها جي اڪائونٽ تي پوسٽ ڪيل ٻنهي وڊيوز کي ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي. ٻه ڏينهن اڳ صبا فيصل انسٽاگرام تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي هئي جنهن ۾ هن پنهنجي پٽ سلمان فيصل ۽ نيها سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. وڊيو ۾ اداڪارا پاران نيها تي الزام به هنيا ويا، جنهن جي جواب ۾ نيها به نالو وٺڻ کانسواءِ پنهنجي ساس ۽ نند تي تنقيد ڪئي. ان کان پوءِ صبا فيصل انسٽاگرام تي هڪ ٻي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن سندس حمايت ڪرڻ تي سمورن مداحن ۽ سوشل ميڊيا پيجز جو شڪريو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو