نندي پور ۽ گڊو پاور پلانٽ جي نجڪاري کي رد ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نندي پور ۽ گڊو پاور پلانٽ جي نجڪاري کي رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب نجڪاري ڪميشن پاران پاور پلانٽس جا شيئرز پي ايس او کي ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ته جيئن گئس سيڪٽر جي گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ٿي سگهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاور پلانٽس جا شيئر پي ايس او کي ملڻ سان گيس سيڪٽر جو گردشي قرض 100 ارب رپيا گهٽجي ويندو، پي ايس او کي شيئرز ڏنا ويندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته نندي پور پاور ۽ گڊو پاور پلانٽ کي نجڪاري لسٽ مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت پاور پلانٽس جي شيئرز مان سوئي گيس ڪمپنين جا بقايا ادا ڪندي.ذريعن موجب توانائي واري وزارت، پيٽروليم ۽ نجڪاري ڪميشن پاور پلانٽس کي نجڪاري لسٽ مان ڪڍڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جڏهن ته پاور پلانٽس کي نجڪاري جي فهرست مان ڪڍڻ جي حتمي منظوري وفاقي ڪابينا کان مشروط آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو