نمرتا جي پڳڙين جي رسم ادا، سڄي سنڌ ۾ احتجاج ۽ ڀيٽا پيش

ڪراچي (نمائندن وٽان) نمرتا جي فوتگي بعد سندس پڳڙين جي رسم ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي، سماجي شخصيتن، مٽن مائٽن، همدردن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي سنڌ جي اڪثرن شهرن نمرتا کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڏيئا ۽ ميڻ بتيون ٻاري کيس خراج پيش ڪيو ويو. سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري سندس قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو.*** ميرپور ماٿيلو مان ظھير وسير موجب لاڙڪاڻي جي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي هاسٽل جي روم مان چار ڏينهن اڳ ميرپورماٿيلو واسڻ شاگردياڻي ڊاڪٽر نمرتا جون چوڌري فيڪٽري جي پئنچائتي حال ۾ پڳڙين جي رسم ادا ڪئي وئي.

جڏهن ته مسلم  ليگ (ن) جي اقليتي ايم اين اي ميرپورماٿيلو واسي ڊاڪٽر درشن لال، صوبائي وزيرعبدالباري پتافي، اديب تاج جويو، جسقم آريسر جي اڳواڻ اسلم خيرپوري، سميت ٻين قومپرست اڳواڻن سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻ نمرتا جي تڏي تي پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪندي ساڻن همدردي جو اظهار ڪيو ، نمرتا جي تڏي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير عبدالباري پتافي چيو ته هو هندن جي هر ڏک سک ۾ ساڻن گڏ رهيا آهن ۽ ساڻن گڏ رهنداسين، هن چيو ته نمرتا جي واقعي تي انتهائي افسوس ٿيو آهي، ان مامري جي سنڌ حڪومت عدالتي جاچ لاءِ سيشن جج لاڙڪاڻو کي خط لکي ڇڏيو آهي، ۽ سنڌ حڪومت ان مامري جي شفاف جاچ چاهي ٿي، هن نمرتا جي وارثن کي انصاف جي خاطري ڪرائي، ان موقعي تي ن ليگ جي ايم اين اي ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وارثن نمرتا جي خودڪشي کي رد ڪندي سندس قتل جو خدشو طاهر ڪندي نمرتا جي خون سان انصاف جو مطالبو ڪيو، هوڏانهن بوزدار برادري جي نوجوانن پاران نمرتا جي خون سان انصاف لاءِ شهزاد علي بوزدار فاروق بوزدار نثار بوزادر  جي اڳواڻي ۾ بوزدار محلي کان گھنٽا گھر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. ريلي ۾ شريڪ نوجوانن خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر نمرتا کي قتل ڪيو ويو آهي، ان جي قتل کي لڪائڻ لاءِ انتظاميه خودڪشي جو رنگ ڏئي رهي آهي، جيڪو اسان ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪنداسين، *** سڪرنڊ مان راج ڪماراوڏ موجب نمرتا جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جلوس ڪڍيو ويو. جسقم هندو پنچائت ۽ سول سوسائٽي سڪرنڊ پاران سنڌو نواز گهانگهرو ، مسعود شاهه، مکي ڊاڪٽر پريم جي اڳواڻيءَ جي ماڻھن ڪاظمي سينٽر سڪرنڊ کان ٿيندو سڪرنڊ پريس ڪلب تائين جلوس ڪڍيو. پهتو جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو جنهن ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي آخري سال جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي جي بي رحماڻي قتل خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾ سياسي ،  سماجي ۽ ادبي حلقن پڻ شرڪت ڪئي جنهن کي خطاب ڪندي ر ۽ ٻين پنهنجي ا خطاب ۾ چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي حراسان ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ سڌيءَ ريت انتظاميه ملوث هوندي آھي.*** مورو  مان مورائي اياز سولنگي موجب سياسي سماجي اڳواڻن, شاگردن پاران پلي ڪارڊ کڻي ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جي ناحق قتل ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

جنھن جي اڳواڻي اشفاق پنھور، اياز ھوشو، عمران سنڌي، سليمان چانڊيو، امير لغاري، وسيم عالماڻي، زبير ابڙو، صوفي امير چانڊيو، شھباز سومرو، علي ابڙو، ڪبير ميمڻ، ياسين چانڊيو، فھيم لانگاھ ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا جتي ھنن چيو ته نمرتا ڪماري کي بيگناھ قتل ڪندڙ قاتلن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.*** خانپورمهر مان آفتاب سيال موجب نمرتا ڪماري لاءِ خانپورمهر جي برائٽ فيوچر اسڪول سسٽم جي شاگردن توڙي شاگردياڻين احتجاجي مظاھرو ڪيو.

هنن چيو ته  ڊاڪٽر نمرتا خودڪشي نه ڪئي آھي کيس سازش تحت قتل ڪيو ويو آهي، شفاف جاچ ڪري قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار سزا ڏني وڃي. *** ٺل مان عبدالنبي شيخ موجب المهراڻ پبلڪ اسڪول پاران ميڊيڪل جي شاگردياڻي نمرتا جي قتل واري واقعي خلاف احتجاجي پروگرام ڪرايو ويو جنهن ۾ شاگردياڻين نندني ڪماري مهوش سرڪي نڪيتا ڪماري ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين سان حراسان ڪرڻ جا واقعا پيش اچن ٿا جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. نمرتا جو واقعو قتل آهي جنهن جي جاچ ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.*** ڪنڊيارو مان  اسد جعفري موجب ڊاڪٽر نمرتا جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف پاڪستان ينگسٽر ايف ڪي لاکو، وقاص عباسي، واجد عباسي، وحيد گهانگهرو، ذيشان کوسو، رحمان بلوچ ٽانوري،  پاران ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

جيڪا پريس ڪلب پهتي جتي اڳواڻن پاران مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، *** ٿرڙي محبت مان صدام حسين چانڊيو موجب راڌڻ جي سول سوسائٽي طرفان ڊاڪٽر نمرتا جي پراسرار موت خلاف احتجاجي مظاھرو ۽ تعزيتي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو. مير مرتضي ڳورڙ ، مير مظھر جھتيال، مظفر ڳورڙ ، ذوالفقار جوڻيجو، ڪامريڊ شمن سولنگي، راجا غضنفر ، نظر سولنگي، دليپ ڪمار، نادر سولنگي ۽ آڪاش ماڻڪ لال هريش ڪمار ميڙاڪي کي مخاطب ٿيندي قتل جي مزمت ڪئي ۽ قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو. ***ان کانسواءِ ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو، گولاڙچي ميرپور خاص، عمر ڪوٽم مٺي، خيرپور، وڳڻ، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ نمرتا جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو،

قبو سعيد خان ۾ نمرتا لاءِ جلوس
کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو