نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪريو

ڏھرڪي(رپورٽ اسد غفور ڀٽو)نقلي زرعي دوا ۽ ٻج سبب آبادگارن جو ڪپهه جو فصل سڙي تباهه ٿيڻ خلاف آبادگار تحريڪ طرفان احتجاج ڪيو ويو. آبادگارن پاران ڏھرواهه کان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي مظاهرو ڪيو.آبادگار تحريڪ ڏھرڪي طرفان زراعت کاتي ۽ ڊيلرن جي ملي ڀڳت سبب نقلي زرعي دوا ۽ ٻج هلڻ خلاف ھزارين ايڪڙن تي بيٺل ڪپهه جو فصل سڙي وڃڻ خلاف مظاهرو ڪيو ويو. آبادگارن ڏھر واهه چوڪ کان ريلي ڪڍي شھر جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج دوران آبادگارن زراعت کاتي ۽ ڊيلرن خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڏهرڪي آبادگار تحريڪ جي صدر رجب خان شر ۽ ٻين چيو ته زراعت کاتي ڏهرڪي جي ڊيلرن کان پئسا وٺي نقلي دوا ۽ ٻج جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي. جنهن سبب هزارين ايڪڙن تي بيٺل ڪپهه جو فصل سڙي رک ٿي ويو آھي. هنن وڌيڪ چيو ته ڏھرڪي شھر اندر ڪيتريون ئي نان رجسٽرڊ دوائن ۽ ٻج جون ڪمپنيون هلن ٿيون جنهن کان زراعت کاتو پئسا وٺي کلي عام اجازت ڏئي ڇڏي آھي. هنن چيو ته زرعي دوائن ۽ ٻج هلائيندڙ ڊيلرن جا بااثر ڌريون سرپرستي ڪن ٿيون جنهن ڪري ڊيلرن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿي ٿئي. هنن چيو ته آبادگارن جو رت پيئڻ ۽ وياج سبب بااثر ڪک پتي مان لک ۽ ڪروڙ پتي ٿي ويا آھن ڊيلرن سميت انهن بااثرن وياج خورن خلاف به ڪاروائي ڪئي وڃي. هنن ڊي سي گهوٽڪي ۽ مختيارڪار ڏھرڪي کان مطالبو ڪيو ته آبادگارن سان ظلم ڪندڙ نقلي زرعي دوائن ۽ ٻج جي ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڪري دوڪان ۽ ڪمپنيون سيل ڪري آبادگار جا قرض معاف ڪري آبادگارن کي معاوضو ڏنو وڃي جئين اهي پنهنجي ٻچن جو روزگار ڪري سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو