نشي ۾ ڌت پي پي اڳواڻ جو موٽر سائيڪلن کي ٽڪر1فوت4زخمي

عمرڪوٽ (ن س) ڪنري روڊ تي سرڪاري نمبر پليٽ واري گاڏيءَ ۾ سوار پي پي اڳواڻ پونجو مل ڀيل جي هڪ ئي وقت ٽن موٽر سائيڪلن کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان رجنيش ولد اشوڪ مالهي فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتي نوجوان جي دوستن ۽ اکين ڏٺن شاهدن الزام هنيو آهي ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻ پونجو مل ڀيل نشي ۾ ڌُت ٿي نوجوان کي ڄاڻي واڻي ماريو آهي. نشي ۾ ڌت پونجو مل ڀيل رات دير سان سرڪاري نمبر پليٽ واري تيز رفتار گاڏي ۾ سوار هو ۽ ٽن موٽر سائيڪلن کي ٽڪر هنيو. سرڪاري گاڏي جو نمبر ”جي ايس سي 849“ آهي. رجنيش جي فوت ٿيڻ بعد هن ٻن ٻين موٽر سائيڪل سوارن کي به ٽڪر هنيو ۽ ڀڄڻ جي ڪئي ته سندس گاڏي روڪي وئي. جنهن بعد هو ٻئي گاڏي گهرائي سرڪاري گاڏي مان فائيل کڻي فرار ٿي ويو. پوليس سرڪاري گاڏي ۽ موٽر سائيڪلون تحويل ۾ ورتيون آهن ۽ ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته خبر ناهي گاڏي ۾ ڪير سوار هو ان جي جاچ ڪريون پيا. فوتي جي مائٽن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ رجنيش جي پونجي سان منهن ماري ٿي هئي ۽ هن کيس ڌمڪي ڏني هئي ته هو کيس ڏسي رهندو. هواڏانهن پونجو ڀيل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو