ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شارع فيصل تي نسلا ٽاور جي زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) منظور قادر ڪاڪا ۽ اڳوڻي مختار ڪار جي عبوري ضمانت رد ٿيڻ بعد گرفتار ڪيو ويو آهي.اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ اڳوڻي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي منظور قادر ۽ اڳوڻي مختيارڪار خير محمد ڏاهري جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت جوابدارن اڳوڻي ڊي جي ايس بي سي اي منظور قادر ڪاڪا ۽ اڳوڻي مختيارڪار خير محمد جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي.اينٽي ڪرپشن عدالت نسلا ٽاور زمين ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي عبوري ضمانت رد ڪندي کين حراست ۾ وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد اينٽي ڪرپشن عدالت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.پبلڪ پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته ٻنهي جوابدارن تي نسلا ٽاور جي زمين 700 گز مان وڌائي 1100 گز ڪرڻ جو الزام آهي.
