ندا جمالي ريسلنگ جي مقابلن ۾ سون جا 3 ميڊل کٽي ورتا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نوجوان پاڪستاني شاگردياڻي ندا جمالي آمريڪا ۾ ريسلنگ جا 3 ٽورنامينٽ کٽي ملڪ جو نالو روشن ڪري ڇڏيو. بدين سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي ندا جمالي هڪ سال لاءِ اسڪالرشپ تي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر يوبا ۾ رهائش پذير آهي.

ندا جمالي 3 سونا تمغا کٽڻ بعد خوش، فوٽو ٽوئٽر

ندا جمالي ريور ويلي ۽ ويٽ لنيڊ ۾ ٿيندڙ ويٽ 11 ڪيٽيگري ريسلنگ مقابلن ۾ حصو ورتو ۽ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. ريسلنگ ٽورنامينٽ ۾ ندا 116 پائونڊ ڪيٽيگري جي مقابلن ۾ سون جا 3 تمغا حاصل ڪري پاڪستان جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو