لاهور(ويب ڊيسڪ) پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ تيل جي ذخيري بابت بانڊيڊ اسٽوريج پاليسي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هاڻي نجي شعبي وارا به تيل ذخيرو ڪري سهگهندا. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته اسان جي ملڪ ۾ جڏهن پيٽرول جو اگهه وڌڻ وارو هوندو آهي ته سڀني کي خبر هوندي آهي ۽ پوءِ ذخيري اندوز ان جو فائدو کڻندا آهن ۽ پيٽرول جو ذخيرو ڪري وٺندا آهن پر اڄ مان توهان جي سامهون ان ذخيري اندوزي جو ٽوڙ پيش ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته ملڪ ۾ تيل جي ذخيري اندوزي کان بچڻ لاءِ بانڊڊ اسٽوريج پاليسي آڻي رهيا آهيون، بانڊڊ اسٽوريج پاليسي جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ تيل جي کوٽ نه ٿيندي، هاڻ دنيا جا وڏا وڏا ٽريڊر به ملڪ ۾ تيل ذخيرو ڪري سگهندا. مستقبل ۾ پيٽرول جي کوٽ جهڙي صورتحال پيدا نه ٿيندي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جون توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون، گئس جو گردشي قرض زيرو ڪري ڇڏيو آهي، جلد ايل اين جي جو گردشي قرض به ختم ڪنداسين. تيل گيس جا نوان ذخير ڳولڻ تي به ڪم هلي پيو.
