نا اهلي جو مدو پنج سال ڪرڻ بابت ترميمي بل منظور

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) ايوان بالا سينيٽ کانپوءِ قومي اسمبلي مان به حڪومتاليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ ترميم جو بل منظور ڪرائي ورتو آهي. هن بل جو مقصد آئين جي شق 62 موجب مجلس شوريٰ جي ڪنهن به ميمبر جي نا اهلي جو مدو 5 سال هوندو ۽ هي قانون ماضي ۾ جن کي مليل سزا آهي اها ان وقت کان ڳڻي ويندي. جنهن جو سڌو سنئون فائدو اڳوڻي وزيراعظم ۽ ميان نواز شرف ۽ جهانگير خان ترين کي ٿيندو. انهن ٻنهي کي سپريم ڪورٽ عمر ڀر لاءِ نا اهل قرار ڏنو هو جيتوڻيڪ ان جو ذڪر آئين ۾ ناهي. هاڻي هو ٻئي چونڊن م حصو وٺڻ جا اهل هوندا. هن بل جو ٻيو مقصد اليڪشن جي تاريخ ۽ شيڊول جاري ڪرڻ جو ڪلي اختيار اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ آهي. صد جي مشاورت لازمي نه هوندي. اليڪشن ڪميشن لکت ۾ سبب ڄاڻائي جاري ڪيل شيڊول ۾ ترميم ڪري سگهندي يعني چونڊن جي تاريخ اڳتي به ڪري سگهندي. سينيٽ مان هي بل 16 جون تي پاس ٿي چڪو آهي، صدر جي صحيح بعد هي فوري لاڳو ٿيندو. صدر عارف علي گهر ڀاتين ۽ دوستن جو جهاز ڀري حج تي ويل آهي، صادق سنجراڻي قائم مقام صدر آهي جيڪو ان ۾ رڪاوٽ نه بڻبو.

پهنجو تبصرو موڪليو