اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار اڄ 2 ڏينهن جي دوري تي قطر روانو ٿيندو. واضح رهي ته قطر پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. قطر کي حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ خريد ڪرڻ لاءِ چيو ويندو. قطر ڪراچي ۽ اسلام آباد ايئرپورٽس جو انتظام سنڀالڻ ۾ به دلچسپي رکي ٿو. دوري ۾ او جي ڊي سي ايل ۽ پي پي ايل ۾ شيئرز جي وڪرو تي به ڳالهه ٻولهه جو امڪان آهي.










