ناٺي ۽ نياڻي پلاٽ وڪرو ڪرڻ چاهن ٿا، انصاف ڪيو وڃي

دادلغاري (رپورٽ: )  ڏھرڪي جي ميان سميع محلو جي رھواسڻ ڪرم خاتون سومرو داد لغاري پھچي پنھنجي پٽ سميت احتجاج ڪندي چيو ته منھنجي نياڻي ۽ منھنجو ڄاٽوملي ڪري منھنجو پلاٽ وڪرو ڪرڻ چاھين ٿا. هن چيو ته پلاٽ جا ڪاغذ نہ ڏيڻ تي مون مٿان تشدد ڪري هنن گھران ڪڍي ڇڏيو آهي. پنھنجي ڄاٽي عبدالخالق کوکر ء ڌي نجمعہ تي الزام هڻندي چيو ته منهنجو ڏهرڪي شھر ۾  واقع پلاٽ وڪڻڻ چاھين ٿا. ڄاٽي ۽ ڌي مونکي تشدد ڪري ڏھرڪي واري گھر مان تڙي ڪڍيو آھي ۽ ھاڻي مان دادلغاري جي ڀرپاسي ۾ ڪنھن عزيز وٽ پناھ وٺي ويٺل آھيان مان اھڙي عمل خلاف دادلغاري ٿاڻي تي اين سي بہ داخل ڪرائي آھي پر پوليس اڃا تائین منھنجي ڄاٽي عبدالخالق کوکر کي گرفتار نہ ڪيو آھي. هن ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته منھنجو ڪو والي وارث ناھي ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو