نامور اداڪاره زيبا شهناز جو ڀائيٽو لنڊن ۾ اغوا بعد قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جي مئي مهيني ۾ اغوا ٿيندڙ پاڪستاني ٽيليويزن انڊسٽري جي نامور اداڪاره زيبا شهناز جي 27 سالا ڀائيٽو محمد شاهه سبحاني جي قتل جي خبر سامهون آئي آهي. زيبا شهناز جي ڀائيٽي جي قتل جي خبر غير سرڪاري تنظيم جي ڊي سي جي اڳواڻ هڪ وڊيو ذريعي ڏني آهي. ان وڊيو ۾ سماجي ڪارڪن ظفر عباس سان گڏ اداڪاره زيبا شهناز ۽ ان جو ڀاءُ موجود هيا. اداڪاره ان موقعي تي نهايت ڏکويل نظر آئي ۽ پنهنجي ڀاڻج جي حوالي سان هن ٻڌايو ته هلندڙ سال مئي ۾ ان کي اغوا ڪيو ويو هو جنهن جي تلاش جو سلسلو مسلسل جاري هيو. هن پنهنجي ڀاڻج جي حوالي سان چيو ته شاهه سبحاني اسان جي خاندان جو اهڙو ٻار هيو جنهن جي هر ڪو تعريف ڪندو هو ۽ سڀني جو خيال رکندڙ ۽ والدين کي محبت ڏيندڙ هيو هن جو صرف هڪ شوق جم وڃڻ هوندو هو. واقعي بابت زيبا شهناز دعويٰ ڪئي ته منهنجي ڀاڻج کان ڪنهن اُڌار طور رقم ورتي هئي جنهن جي واپسي جو هو مطالبو ڪري رهيو هو. هن ٻڌايو ته مطالبي باوجود ان کي رقم واپس نه ملي پوءِ پهرين رمضان تي شاهه سبحان کي هڪ ڪال آئي ته هو اچي پنهنجا پئسا کڻي وڃي. زبيا شهناز ٻڌايو ته منهنجو ڀائيٽو ساڍي ٽين وڳي پنهنجي والد جي گاڏي ڪاهي ويو ليڪن افطار تائين واپس نه آيو. اداڪاره وڌيڪ ٻڌايو ته هو هر لمحي جي خبر والدين کي ڏيندو هو ته ڪيڏي مهل جم ٿو وڃان ڪيڏي مهل کيڏڻ ليڪن هن ڀيري صرف ان جي گاڏي ملي. جي ڊي سي جي اڳواڻ اهو به ٻڌايو ته رمضان المبارڪ ۾ ڀائيٽي جي گمشدگي جي اطلاع ملڻ بعد زيبا شهناز 17 رمضان تي لنڊن روانو ٿي وئي هئي. زيبا شهناز ٻڌايو ته ان کي اميد هئي ته شاهه سبحاني ملي ويندو ڇاڪاڻ ته ان جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي. هن اهو به ٻڌايو ته ڀائيٽي جي شادي کي صرف 4 مهينا گذريا هئا. ٻئي طرف بي بي سي جي رپورٽ مطابق لنڊن پوليس محمد شاهه سبحاني جي قتل ڪيس ۾ هڪ 67 سالا عورت سميت 8 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اسڪاٽ لينڊيارڊ پوليس کي محمد شاهه سبحاني جي لاش ان جي گهر کان 24 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هڪ جهنگ مان ملي آهي. پوليس مطابق شاهه سبحاني ڪنهن عورت جي گهرائڻ تي پيسا وٺڻ لاءِ اتي پهتو.مقتول جي ڀيڻ قيرات سبحاني جو چوڻ هو ته ڪنهن منهنجي ڀاءُ کي بيدردي سان قتل ڪري ان جي لاش کي جهنگ ۾ دفن ڪري ڇڏيو ته جيئن ڪو ثبوت نه ملي سگهي. زبيا شهناز پاران ان ڏک جي موقعي تي اهو به چوڻ هو ته شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ ڪو شخص ان مشڪل موقعي تي ان سان ملڻ نه آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو