شهيد سب انسپيڪٽر سرڪاري اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي

ملير/ دريا خان مري(درياخان شر۽ ارباب علي مري) سپر ھائي وي تي وزیر ڳوٺ جي ويجھو ڊيوٽي تي وڃڻ دوران ان سڃاتل دھشتگردن جي فائرنگ ۾ نوشهروفيرز واسي پوليس اھلڪار سب انسپیڪٽر غلام قادر شر شھيد ٿي ويو. پوسٽ مارٽم لاءِ لاش کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس واردات واري جڳھ تان ثبوت گڏ ڪري فائرنگ جي واقعي جي تحقیقات ڪري رهي آهي. شھيد اھلڪار جو لاش اباڻي شھر روانو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن دريا خان مري مان ارباب مري ٻڌايو آهي ته شهيد اهلڪار جو تعلق منگيا موري سان آهي ۽ ڪامريڊ عيسيٰ شر جو ڀـاءُ آهي. شھيد جو مڙھ سندس وارث ۽ ڪراچي پوليس اباڻي ڳوٺ محمد عيسي شر کڻائي آيا جتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنازي نماز م ايس ايس پي ضلعي نوشھروفيروز رٽائرڊ ڪيپٽن طارق ولايت ايس ايس پي نواب شاھ تنوير احمد تنيو ڊي ايس پي نوشھرو فيروز محمد ايوب درس ايس ايڇ او دريا خان مري مجيب الرحمان ناريجو رينجرز عملدارن سميت پوليس جي اعلي عملدارن سياسي سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد م جنازي نماز م شرڪت ڪئي جنازي نماز بعد شھيد غلام قادر جي مڙھ کي جادارو قبرستان م پوليس جي جوانن پاران سلامي بعد مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. پوليس جي اعلي عملدارن شھيد جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙھڻ بعد دعا گھري  شھيد سب انسپيڪٽر غلام قادر شر 28 سالن کان ڪراچي جي مختلف علائقن م پوليس ڊيوٽي سرانجام ڏني شھيد سب انسپيڪٽر غلام قادر شر کي 3 پٽن غلام حيدر ثناء الله نعمت الله جيڪي شادي شده آھن ۽ 3 نياڻين جو اولاد آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو