اسد طور جي گهر تي حملو،مٿس تشدد

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)نامعلوم حملا آور صحافي اسد طور جي  گهر ۾ گهري مٿس تشدد ڪيو.اسد تور موجب  ٽي نقاب پوش ماڻهو فليٽ ۾ داخل ٿيا ۽ هن کي تشدد ڪيو ، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته اسد تور کي اسپتال پهچايو ويو ۽ واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.ٻئي طرف اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري تشدد جو نوٽيس وٺندي ايس پي اسلام آباد کي واقعي جي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.اسد جو حملو صحافتي ۽ سياسي برادري پريشاني جو  باعث بڻيو آهي ، ايسوسيئيشن آف اليڪٽرون ميڊيا ايڊيٽرن ۽ نيوز ڊائريڪٽرز اسد علي تي تشدد جي مذمت ڪئي آهي.جيتري قدر اسد جي تشدد جي ڳالهه آهي ، مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ان جي مذمت ڪندي چيو ته اها انتهائي پريشان ڪندڙ  ڳالهه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو