نامزد چيف جسٽس جي ساٿي ججن کي ڊنر جي دعوت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ قسم کڻڻ کانپوءِ پنهنجي ساٿي ججن کي ڊنر جي دعوت ڏني.موجوده چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال 16 سيپٽمبر تي پنهنجو مدو پورو ڪري رٽائر ٿي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ جو سينيئر ترين جج ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس جو عهدو سنڀاليندو،جسٽس قاضي فائز عيسيٰ قسم کڻڻ کانپوءِ ساٿي ججن کي ڊنر جي دعوت ڏني.ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان 17 سيپٽمبر تي ڊنر جي دعوت ڏني وئي آهي، جنهن ۾ موجوده چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال کي به دعوت ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو