’اسان پنڌ پنهنجو پڄائي وڃون پيا’ رنگريز جي زندگي کي الوداع

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو ناليوارو شاعر غلام حسين رنگريز 70 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. هو سنڌ جو ڀلوڙ شاعر، قومي ڪارڪن، اديب ۽ استاد هو. هو 1988 ڌاري سنڌي ادبي سنگت جو جنرل سيڪريٽري رهيو. 1950 ڌاري بٺوري ۾ جنم وٺندڙ سائين غلام حسين رنگريز جيڪو ذات جو کٽي هو پر سندس سڃاڻپ سندس تخلص رنگريز سان ٿي. هو سائين جي ايم سيد کان ڪافي متاثر هو. ڪافي عرصي کان بيمار هو 2015 ۾ سندس پٽ جي روڊ حادثي ۾ وفات بعد سندس جيءُ جهري پيو هو ۽ ادبي سرگرميون ختم ڪري ڇڏيون هيون. هو گلشن حديد جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل هو جتي 22 آگسٽ تي سندس طبيعت خراب ٿي ته وارث انڊس اسپتال کڻائي آيس جتي انتظاميا بسترو نه هئڻ سبب کيس مواٽائي ڇڏيو. جنهن بعد کيس سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو، هو گهڻين بيمارين ۾ مبتلا هو.

Photo Facebook

هن وڪالت جي ڊگري به حاصل ڪئي پر پيشو پرائمري استاد جو نه ڇڏيو. هو تمام حليم طبيعت جو انسانيت لاءِ دل ۾درد رکندڙ انسان هو. سندس هڪ شعر آهي ته ’جڏهن سار لهندين تڏهن ڪير هوندو، اسان سان مٺا بس مٽي ڍير هوندو‘. هڪ ٻيو شعر اٿس تي ’اسان پنڌ پنهنجو پڄائي وڃون پيا، اوهان ساڻ ناتو نڀائي وڃون پيا‘ ’اي سنڌ توکي الواداع، اي هند توکي الواداع، تو ۾ ھيو سارو جڳت، اي جند توکي الوداع!‘ سندس ڪيترائي ڪلام ريڊيو تي به هليا، جيجي زرينا، سرمد ۽ ٻين فنڪارن سندس قومي ۽ مزاحمتي شاعري کي ڳايو.

پهنجو تبصرو موڪليو