ناظم آباد ۾ بلڊر جي فيملي تي فائرنگ،1 ڄڻو فوت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ناظم آباد نمبر 3 ۾ پاڻي جي لائين کوٽڻ کان روڪڻ تي بلڊر ۽ سندس پٽن شهرين تي فائرنگ ڪري ڏني.فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.بلڊر ۽ سندس هڪ ساٿي کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 2 جوابدار فرار ٿي ويا.نارٿ ناظم آباد ۽ پي آءِ بي ڪالوني ۾ فائرنگ جا ٻيا واقعا پيش آيا.نارٿ ناظم آباد ۾ ڊي سي سينٽرل آفيس ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ پيءُ پٽ زخمي ٿي پيا.ايس ايس پي سينٽرل موجب ڌاڙيلن پيءُ پٽ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته اي ٽي ايم ٻاهر نڪتي. هوڏانهن صفورا ۽ يوپي موري ڀرسان فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو