ناري جي بازيابي لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست، ايس ايس پي طلب

اوٻاوڙو (غلام علي رند) ڳوٺ صالح چاچڙ مان اغوا ٿيل ناري رضوانا چاچڙ کي 20 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود به اوٻاوڙو پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي ناري جي پيءُ طرفان هاءِ ڪورٽ سکر ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. هاءِ ڪورٽ سکر ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اوٻاوڙو  جي ايس ايڇ او کي 14، آڪٽومبر  تي طلب ڪري ورتو. ناري جي وارث ڌڻي بخش  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽي هفتا اڳ اسان جي نينگري کي پوليس اهلڪار صفدر عرف هيرو چاچڙ ، احسان چاچڙ ۽ ٻه نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري ويا هئا جنهن جو ڪيس اوٻاوڙو ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو پر اوٻاوڙو پوليس پنهنجي پٽي ڀائين خلاف ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. پوليس اسان کي انصاف ڏيڻ بجاءِ اسان کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاء ڌمڪائي رهي آهي ته اسان جي پٽي ڀائين تان ڪيس ختم ڪرايو ٻي صورت ۾ اوهان کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏينداسون توهان لاءِ سٺو اهو آهي ته اوهان ڪيس تان هٿ کڻو ۽ اغوا ٿيل نينگري جي پچر ڇڏي ڏيو ۽ مان هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي ۽ منهنجي آءِ جي سنڌ، هائي ڪورٽ سکر کي اپيل آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ناري کي بازياب ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو