اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي راڄڌاني واري هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مدثر نارو واپسي ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا ته جبري گمشدگي بغاوت آهي، غداري جو ڪيس آهي.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سربراهي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ جڊيشل اسسٽنٽ عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته آئين تحت ملڪ ۾ جبري گمشدگيون قبول ناهن. وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن کي اهو سڀ ڪجهه ڏسڻو هو، ڇا انهن جي مرضي کانسواءِ ڪو به گم ٿي سگهي ٿو؟ نه ٿو ڪري سگهجي.

چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ماڻهن کي بدحال ڪرڻ رياست جي نااهلي آهي، پوءِ انهن جو پتو نه ٿو پئجي سگهي، جبري گمشدگيون دهشتگرديءَ جي شقن سان مشروط آهن، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته جبري گمشدگي بغاوت آهي، اها بغاوت جو ڪيس آهي. ياد رهي ته مدثر محمود نارو صحافي، بلاگر ۽ پنجابي جو شاعر آهي، کيس آگسٽ 2018 ۾ پنهنجي گهرواري صدف چغتائي ۽ 6 مهينن جي پٽ سان سير لاءِ بالا ڪوٽ ويل هو جتان کيس اغوا ڪيو ويو. سندس گهرواري عدالتن جا چڪر ڪٽيندي صدمي ۾ 8 مئي 2021 تي مبينه دل جي دوري سبب فوت ٿي وئي هئي. هاڻي سندس معصوم پٽ پنهنجي ڏاڏيءَ سان گڏ عدالت ۾ ايندو آهي. ان کان اڳ چيف جسٽس اطهر من الله چيو هو ته رياست ماءُ جيان هوندي آهي پر هتي شهرين جي اغوا ۾ ملوث آهي. وزيراعظم عمران خان ڊسمبر 2021 ۾ رپورٽ طلب ڪئي پر اڄ تائين ڪا به پيش رفت سامهون نه آئي.










