اسلام آباد (بيورو پورٽ) قومي احتساب بيورو يعني نيب مسلم ليگي اڳواڻ احسن اقبال کي اڱاري تي جسٽس محمد بشير جي عدالت ۾ پيش ڪري 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ گهريو. احسن اقبال جي وڪيل مخالفت ڪئي. نيب جي وڪيل چيو ته اهم دستاويز هن کان حاصل ڪرڻا آهن ان ڪري رمانڊ ضروري آهي. عدالت 13 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي منظوري ڏيندي 6 جنوري تي کيس پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ۾ راجه ظفرالحق، مريم اورنگزيب ۽ ٻيا عدالت ۾ موجود هئا. احسن اقبال صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته حيرت آهي ته اڍائي ارب جي پروجيڪٽ ۾ 6 ارب جي ڪرپشن ڪيئن ٿي؟. هن چيو ته کيس عمران خان جي نا اهلي تي تنقيد سبب گرفتار ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته نيب نارووال اسپورٽس ڪمپليڪس ڪيس ۾ کيس ڪالهه گرفتار ڪري ورتو هو. نيب جو چوڻ آهي ته هن پروجيڪٽ ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيو آهي ۽ ٺيڪن ۾ بي ضابطگين ۽ مبينه ڪرپشن سبب کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. اڄ سومر تي نيب کيس پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪيو هو جنهن بعد کيس گهرائي گرفتار ڪيو ويو. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪرپشن جو الزام ڪوڙو آهي اصل ۾ هن کي عمران خان کي بار بار نا اهل ڪوٺڻ تان گرفتار ڪيو ويو آهي. احسن اقبال کي ڪيترائي ڀيرا روڪيو ويو ته هٿ هلڪو رک پر هو پنهنجي اصولن تي قائم رهيو جنهن سبب گرفتار ڪيو ويو.
سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اندازو
پرويز سان ملاقات کان پوءِ شجاعت اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتن جاري
باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان
ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ناڪام، 4 آپگهاتي بمبار مارجي ويا
آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون 475 ڪارروايون، 33 دهشتگرد گرفتار
جسٽس ستار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ منسوخ
پي آءِ اي جلد يورپ ۾ بحال ٿيندي: اسحاق ڊار
اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 40 هزار 878 فلسطيني شهيد
اداڪار نه هجان ها ته برياني جو دڪان هلايا ها: فهد مصطفيٰ
انگلينڊ جو فاسٽ بالر مارڪ ووڊ پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر
پاڪستان جي تاريخ.2قومي نظريو ۽ پاڪستاني قيادت جو ڪردار
سنڌيار سکر 07 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 07 سيپٽمبر 2024ع
قوم سياسي اختلا فن کي نفرت ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏئي، آرمي چيف
عوامي ميڙاڪن تي پابندي وارو قانون قومي اسمبلي مان به منظور
گاڏين جي خريداري تي ايندڙ ٻڌڻي تائين عملدرآمد روڪڻ جو حڪم
وفاقي حڪومت جو 12 ربيع الاول تي عام موڪل جو اعلان
ٻاهر نڪري توکي ۽ نيب چيئرمين کي نه ڇڏيندس: جاچ آفيسر کي ڌمڪي
ڏهرڪي ڀرسان پاڻي جي تلاءُ مان 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ