نادرا جديد ترين آل ان ون ڊجيٽل سڃاڻپ ڪٽ تيار ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نادرا جديد ترين ”آل ان ون“ ڊجيٽل سڃاڻپ ڪٽ تيار ڪري ورتي، جيڪا قومي سڃاڻپ پروگرامن، ووٽر رجسٽريشن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ فائديمند آهي.نادرا جي اداري اين ٽي ايل ۽ اين آر ٽي سي جو ڪارنامو سامهون اچي ويو، جديد ترين ڪٽ اندرون ملڪ تيار ڪئي وئي، جنهن جي نمائش ايندڙ هفتي ڪيپ ٽائون ۾ آءِ ڊي فار ڊي آفريقا ڪانفرنس ۾ ٿيندي،اک، آڱرين جي نشانن، چهري جي سڃاڻپ هڪ ئي ڪٽ ذريعي ٿيندي، ڊجيٽل سڃاڻپ ڪٽ ۾ بيٽري سان گڏ جي پي ايس، موبائل ۽ واءِ فاءِ به شامل آهي.ڊجيٽل سڃاڻپ ڪٽ جلد نادرا سينٽرن تي فراهم ڪئي ويندي، جديد ڪٽ جي مدد سان شهرين کي سڃاڻپ دستاويز جاري ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو