ناحق قيد تي ايس ايڇ او سميت 8 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ جوحڪم

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) عدالت پولیس پاران نوجوان کي  بلاجواز کنڀي قيد ڪرڻ تي ايس ايڇ او پڊعيدن جمشيد راجپوت سميت 8 ڄڻن تي ايف آء آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد اڪرام الرحمٰن جي عدالت ۾ درخواست گذار محمد علي راڄپر ايڊووڪيٽ ميڊم گلشن آرا جي معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته 23 مئي تي ايس ايڇ او پڊعيدن جمشيد علي راجپوت، اي ايس آءِ صادق وڳڻ 2 پرائيويٽ ماڻهو بشير ماڇي، سوز علي ماڇي ۽ 4 نامعلوم پوليس اهلڪار ڳوٺ چيهو مان اٽي جي چڪي وٽ مون کي کنڀي کڻي ويا جنهن بعد عدالتي حڪم تي ريڊ ڪمشنر سول جج ڇاپو هڻي مون کي ٿاڻي تان بازياب ڪرايو. هن وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته بلاجواز کنڀڻ تي ملوث پوليس ۽ پرائيويٽ ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. عدالت اهڙو موقف ٻڌڻ بعد ۽ انچارج ڊي ايس پي ڪمپلين سينٽر سعيد احمد شيخ کان آيل رپورٽ ۾ تصديق ٿيڻ بعد ايس ايڇ او پڊعيدن جمشيد علي راجپوت، اي ايس آء صادق وڳڻ، بشير ماڇي ۽ سوز علي ماڇي سميت 4 نامعلوم پوليس اهلڪارن خلاف ايف آ۽ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو