ناحق بنادي بنائڻ تي گرفتاري جو حڪم ٻڌندي ئي ڊي ايس پي فرار

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) ٻن ڄڻن کي بيگناهه قيد ۾ رکڻ تي ڪنڏڪوٽ جي سيشن جج سيد غلام شاهه ڊي ايس پي سميت 4 پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪرن جو حڪم ڏئي ڇڏيو. حڪم ٻڌندي ئي ڊي ايس پي عدالت مان فرار ٿي ويو. ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ سٽي ممتازکھڙو جي آفيس ۾ سيشن جج سيد غلام شاھ جي حڪم تي سول جج محمدعظيم پاران اڱاري تي اوچتوڇاپوھڻي بي گناھ باندي بڻايل گلشير محلي ڪنڌڪوٽ جي رھواسي محمدعظيم شاه ۽ ان جي 10 سالن جي پٽ باقرشاھ کي آزاد ڪرائي کين ڊي ايس پي کي رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنوھو. اڄ ڊي ايس پي سٽي رڪارڊ سميت سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿيو ته سيشن جج ڊي ايس پي سميت چئن پوليس  اھلڪارن کي گرفتار ڪري ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت پاران گرفتاري جو حڪم ڏيڻ شرط ئي ڊي ايس پي وجھ وٺي عدالت جي حد مان فرار ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو