اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت عوام کي نئين سال جو تحفو ڏيندي پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. رات دير سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ڊيزل جي اگهه ۾ سو 2 روپيا ۽ پيٽرول 2 روپيا 61 پيسا في لٽر مهانگو ڪيو ويو آهي. وڌايل قيمتن بعد پيٽرول جي نئي قيمت 116 روپيا 60 پيسا ۽ ڊيزل جي نئين قيمت 127 روپيا 26 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 روپيا 10 پيسا واڌ بعد نئين قيمت 99 روپيا 45 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 روپيا 8 پيسا واڌ بعد 84 روپيا 51 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي. نيون قيمتون اڄ کان لاڳو هونديون. حڪومت اوگرا جي سفارش ڪيل واڌ جيئن جو تيئن منظور ڪئي آهي. ياد رهي ته تازو وزيراعظم عمران خان چيو هو ته 2020 عوام جي رليف جو سال آهي پر ان جي پهرين ڏينهن پيٽرول بم ڪيرايو ويو آهي. حڪومت پيٽروليم جي سڀني شين تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي کانسواءِ ڊيزل تي 18 روپيا، پيٽرول تي 15 روپيا، گاسليٽ تي 6 روپيا ۽ لائٽ ڊيزل تي 3 روپيا في لٽر پيٽروليم ليوي وصول ڪري رهي آهي.
