ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين مقرر ٿيل ايراني قونصل جنرل اڪبر عيسيٰ زاده سان وزير اعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وڏي وزير اڪبر عيسيٰ زاده جي سنڌ آمد تي ڀليڪار ڪيو ۽ کيس سندس نئين عهدي جي مبارڪباد ڏني،وڏي وزير چيو ته ايران هڪ برادر مسلمان ملڪ آهي جنهن سان پاڪستان، خاص طور تي سنڌ جا تاريخي ۽ مضبوط لاڳاپا آهن،قونصل جنرل وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سندس طرفان ڏنل زبردست موٽ تي شڪريو ادا ڪيو، ملاقات دوران اڪبر عيسيٰ زاده اڳوڻي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني جي وفات تي تعزيت ڪئي،وڏي وزير يقين ڏياريو ته هو ذاتي طور تي سوڳوار خاندان سان تعزيت جو پيغام پهچائيندو، قونصل جنرل سنڌ ۾ تازي ٻوڏ جي نقصان تي پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن معاشي، واپاري ۽ سياحتي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته وڏي وزير سنڌ حڪومت کي مستقبل ۾ باهمي تعاون لاءِ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو، وڏي وزير مراد علي شاهه اميد ظاهر ڪئي ته اڪبر عيسيٰ زاده جي دور ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، ٻنهي اڳواڻن ايران ۽ پاڪستان، خاص طور تي ڪراچي جي وچ ۾ واپاري حجم کي 5 ارب رپين کان وڌائي 10 ارب رپين تائين ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، ان سان گڏ ٻنهي ڪاروباري موقعن کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪراچي جي تجارتي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ گڏيل واپاري نمائشون منعقد ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو، ملاقات ۾ ميڊيا ايڪسچينج ذريعي ثقافتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي به بحث ڪيو ويو، جڏهن ته زراعت، جانورن جي پالنا ۽ مڇي مارڻ جي شعبن ۾ تعاون تي به بحث ڪيو ويو، وڏي وزير چيو ته صوبائي وزير جلد ئي قونصل جنرل سان ملاقات ڪندا ته جيئن انهن منصوبن تي وڌيڪ اڳڀرائي ڪري سگهجي، ان کان علاوه ڪراچي ۽ تهران جي وچ ۾ سڌي پروازن جي شروعات تي به بحث ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته اهڙيون پروازون زائرين لاءِ فائديمند ثابت ٿينديون ۽ خانگي ايئر لائنز کي اهي پروازون شروع ڪرڻ جي ترغيب ڏني ويندي، وڏي وزير مراد علي شاهه مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي وزيراعليٰ هائوس جي دوري کي سنڌ لاءِ اعزاز قرار ڏنو. قونصل جنرل ايراني سفير پاران سنڌ جي وڏي وزير کي ايران جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني، جيڪا وڏي وزير قبول ڪئي ۽ چيو ته هو جلد ايران جو دورو ڪندو.










