مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو،ڊي سي اعليٰ سطحي اجلاس ڪوٺائي ورتو

مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو،ڊي سي اعليٰ سطحي اجلاس ڪوٺائي ورتو

ڪراچي (ن سنڌيار) ڪراچي بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي جي حوالي ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ جي سربراهي ۾ گڏجاڻي .28آگسٽ تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو ويو. لاڳاپيل آر اوز جي عملي ۽ سامان پولنگ اسٽيشنز تي پهچائڻ لاء اڳواٽ انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت . رپورٽ موجب : مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ 28 آگسٽ تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي حوالي سان ڪراچي ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر مير غلام قادر ٽالپر طرفان اجلاس ڪوٺايو ويو. اجلاس ۾ سمورن آر اوز سميت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جاويد شر. اسسٽنٽ ڪمشنر روينيو بشير عباسي شرڪت ڪئي ان موقعي تي ضلعي اليڪشن ڪمشنر ويسٽ حامد حسين طرفان گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اجلاس گهرائڻ جو مقصد 28 آگسٽ تي ٻئي مرحلي واري ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان انتظامن جو نئين سر جائزو وٺڻ آهي اجلاس ۾ شريڪ سمورن آر اوز جو چوڻ هو ته هنن تمام پولنگن جو دورو ڪري انتظامن جو مڪمل جائزو وٺي مختلف پولنگ اسٽيشنز تي سهولتن جي کوٽ بابت ضلعي رٽرننگ آفيسرز کي رپورٽ ڏني آهي جڏهن ته پولنگ عملي کي ليٽر ڪيا ويا آهن.اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ ۽ ضلعي اليڪشن ڪمشنر ميرغلام قادر ٽالپر لاڳايل آر اوز کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي عملي ۽ اليڪشن جي گهربل سامان پولنگ اسٽيشنز تي پهچائڻ جي حوالي اڳواٽ تياري ڪن جڏهن ته ڊي سي طرفان ايڊمنسٽريٽر کي پڻ هدايت ڪئي وئي ته هو تمام پولنگ اسٽيشنز تي لازمي طور فيموگيشن ڪرائي جڏهن ته ايجوڪيشن ورڪس کي پڻ ڊي سي پاران مڙني اسڪولن ۾ قائم ٿيندڙ پولنگز کي گهربل سهولتون مهيا ڪري ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو