مڙس ۽ ڏير قتل ڪرڻ چاهن ٿا، تحفظ ڏنو وڃي، ريحانه لنڊ

خانپورمهر)ن س) لنڊ بازار ۾ مڙس محمد حڪيم لنڊ توڙي ڏيرن جي ظلمن کان تنگ ٿي مسمات ريحانه لنڊ وجهه وٺي مڙس جي گهر کان پنهنجي والدين جي گهر پناهه وٺي ڇڏي آهي، جتان متاثر عورت ريحانه لنڊ پنهنجي امڙ مسمات سياڻي کي ساڻ ڪري خانپورمهر پريس ڪلب پهچي تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي. مسمات ريحانه صحافين کي ٻڌايو ته 4 مهينا اڳ منهنجي شادي حڪيم لنڊ سان ٿي پر چئن مهينن دوران منهنجي مڙس حڪيم مون مٿان تشدد ۽ ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا، منهنجي مڙس سان گڏو گڏ منهنجا ڏير، محمد لنڊ ۽ پنهل لنڊ تشدد ڪندا هئا. منهنجي والدين ڪيترائي دفعا کين سمجائڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون مٿان ظلم گهٽ نه ٿيا تنهن ڪري آئون وجهه وٺي گهران فرار ٿي ماءُ پي ءُ وٽ پهتي آهيان پر جوابدار مونکي مارڻ چاهين ٿا. متاثرن ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ظالم جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو