مڙس پاران لوهه تپائي زال جي جسم تي ڏنڀ، تشدد

نارو(ساجد خادم سهتو) ڳوٺ وساڻ آباد ۾ جوابدار پرويز پنهنجي پيءَ سونومل ۽ ڀائرن سان گڏجي پنهنجي زال منڊم مارواڙي کي جسم تي ڏاٽو گرم ڪري ڏنڀ ڏنا دانهن تي پاڙيوارن پهچي ناري جي حياتي بچائي ورتي. ناريءَ جي مائٽن طرفان سوراھ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جنهن ناريءَ کي پوليس ليٽر ڏئي علاج لاءِ اسپتال موڪلي ڇڏيو.

پوليس موجب جوابدار جلد گرفتار ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ان موقعي تي تشدد جو شڪار ٿيل ناري منڊم مارواڙي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مون ڏياري مائٽن ۾ ملهائڻ لاءِ چيو ته مڙس ۽ ٻين گڏجي جسم تي ڏنڀ ڏنا مون سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو