مڙس هٿان زال قتل، وارثن جو ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

مڙس هٿان زال قتل، وارثن جو ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

سيٺارجا (سجاد علي ڪٻر) ڳوٺ تلي ۾ مبينا طور مڙس زيتون جسڪاڻي هٿان قتل ٿيل 30 سالن جي مقتولا نماڻي خاتون جي ڀاءُ مظهر علي جسڪاڻي ۽ يوسف جسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ننگريجه اسٽاپ وٽ مهراڻ هاءِ وي تي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لاش رکي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون جنهن دوران روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون.

جڏهن ته مقتولا عورت جي ڀاءَ مظهر ۽ سندس پيءُ يوسف جسڪاڻي الزام هڻندي چيو ته  رات دير سان منهنجي ڀيڻ جي مڙس زيتون جسڪاڻي سندس ڀائرن ۽ ٻين سان ملي ڪري منهنجي ڀيڻ تي تشدد ڪرڻ بعد پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي جنهن جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ اسين بوزداروڏا ٿاڻي تي پهتاسين ته ٿاڻي وارن اسان کي ڏسي گيٽ بند ڪري ڇڏيو. پوليس قتل جو ڪيس داخل نه ڪري رهي آهي پوليس قاتلن جي ونگار وهي رهي آهي ۽ اسان جي نياڻي کي بيگناه گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو