مڙس سان خوش آهيان، ڀائر زوري طلاق لاءِ تشدد ٿا ڪن، انصاف ڏيو

سيٺارجا (ن س) ڳوٺ وارث وڏهر جي رهواسڻ شادي شده ناري مسمات نذيران پنهنجي مڙس علي احمد راڄپر سان گڏجي سيٺارجا ٿاڻي تي دانهيو آهي ته سندس ڀائر ظهير، وسيم راڄپر ۽ ٻيا کيس پنهنجي مڙس علي احمد کان زبردستي طلاق وٺڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن ۽ انڪار ڪرڻ تي مارڪٽ ڪندا رهن ٿا. هن ٻڌايوته اڄ به انهن کيس تشدد جو نشانو بڻائي، اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.  هن چيو ته مان مڙس ۽ ٻارن سان ساهرن جي گهر خوش آهيان ۽ هتي رهڻ چاهيان ٿي، مان 5 مهينن جي پيٽ سان آهيان ۽ تشدد ڪرڻ سبب ٻار کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي جنهن ڪري کيس ۽ سندس مڙس ۽ ٻارن کي تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي. سيٺارجا پوليس سندس فرياد تي سندس ڀائرن خلاف اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو